جسٽس قاضي فائز جِي بئنچ جَي فيصلي جو 5 منٽن اندر جائزو، ڪيس ئي ختم!

0
249
جسٽس قاضي فائز جِي بئنچ جَي فيصلي
جسٽس قاضي فائز جِي بئنچ جَي فيصلي جو 5 منٽن اندر جائزو، ڪيس ئي ختم!

سُپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ جسٽس قاضي فائز جِي بئنچ جَي فيصلي جو 5 منٽن اندر جائزو وٺي پاڻمرادي نوٽيس جو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو

جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 6 رُڪني لارجر بئنچ جسٽس قاضي فائز جي بئنچ جي فيصلي جو جائزو ورتو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي بئنچ حافظِ قرآن کي واڌو نمبر ڏيڻ جي ڪيس ۾ پاڻمرادن نوٽيسن تي ڪارروائي روڪڻ جو فيصلو ڏنو هو

 فيصلي تي جُڙيل لارجر بئنچ جي ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر چيو ته  2018ع جا رولز ختم ٿيڻ بعد پاڻمرادو نوٽيس هونئن به بي اثر ٿي چڪو آهي

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته حافظ قرآن جي مارڪس بابت پاڻمرادي نوٽيس کي بند ڪيو وڃي ٿو، نوٽيس ۽ اُن جي ٻين اثرن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو