جسٽس فائز عيسيٰ گورنر بلوچستان جي اسڪواڊ جي گاڏي جو چالان ڪرائي ڇڏيو

0
463
ٻين جي عزت آهي ، ڪجهه اسان جي به هئڻ گهرجي، حلف جي پابندي نه هجي ها ته معذرت  ڪري هليو وڃان ها: فائز عيسيٰ
ٻين جي عزت آهي ، ڪجهه اسان جي به هئڻ گهرجي، حلف جي پابندي نه هجي ها ته معذرت  ڪري هليو وڃان ها: فائز عيسيٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس فائز عيسيٰ گورنر بلوچستان جي اسڪواڊ جي گاڏي جو چالان ڪرائي ڇڏيو، جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي سيڪيورٽي عملي جي ڪاري شيشن ۽ غير نمونن واري نمبر پليٽ جي نشاندهي ڪئي

گورنر بلوچستان جي اسڪواڊ ۾ شامل پوليس جي گاڏي جو 6 سئو رپيا چالان ڪيو ويو ۽ ٽريفڪ پوليس گاڏي تي لڳل ڪارا شيشا به هٽايا ويا

جسٽس فائز عيسيٰ حلف برداري جي تقريب کانپوءِ ايوان صدر کان پيدل سپريم ڪورٽ اچي رهيو هو ته ججز گيٽ ويجهو  ڪاري شيشن واري بيٺل گاڏي کي ڏسي نشاندهي ڪئي هئي

جسٽس فائز عيسيٰ گذريل ڏينهن فوٽ پاٿ تان هيلٿ ڪارڊ بورڊ هٽائڻ جو به حڪم ڏنو هو