اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ترجمان مطابق جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ  کوسو کي ڳلي جي بيماري ٿي پئي آهي، ان بيماري جو علاج ڪرائڻ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته هو گهرواري جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو، پرڏيهه وڃڻ جو ۽ علاج ڪرائڻ جو خرچ  هو پاڻ برداشت ڪندو، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي گهرواريءَ سان ايندڙ هفتي برطانيا روانو ٿيندو.