اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل حڪومت موجوده 3 رڪني بينچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، چيف جسٽس فل ڪورٽ جوڙي ۽ پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪندڙ ججز کي شامل نه ڪري ته قوم کي فيصلو قبول هوندو، قومي اسميبلي ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته اتحادي جماعتن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  بينچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويندو، بائيڪاٽ جو لفظ استعمال نه ٿيو هو، هن چيو ته چيف جسٽس کان پڇڻ چاهيان ٿو ته مون لاءِ چيو ويو ته جيل ڪٽي آيل اسيمبلي ۾ تقريرون ڪري رهيا آھن اسان ميرٽ تي ضمانتون وٺي آيا آھيون اوهان ان کي گڏ ويهاريو آھي جنهن تي ڪرپشن جا شديد الزام لڳا آهن، ڳالهائڻ کان اڳ پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي ضرور پائڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته جسٽس اعجاز الحسن بينچ کان ڌار ٿي چڪو هو ته ٻيهر ڪيئن ويهي سگهي ٿو؟ بينچ ۾ شامل هڪ جج تي سنگين الزام آهن، موجوده بينچ کان فيصلو ڪرائڻ انصاف جي اصولن جي ابتڙ آهي، ڪرپشن الزام هيٺ آيل جج کي بينچ ۾ شامل ڪري چيف جسٽس ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو؟، وزيراعظم چيو ته عدالتن جو ٻٽو معيار نه هلندو، اوهان ڊيلي ميل لنڊن جي ڪيس جو به ذڪر ڪري پئي سگهيا، وزيراعظم چيو ته پوري اتحادي حڪومت موجوده بينچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ڪاش چيف جسٽس ان ڳالهه جو خيال ڪري ۽ فل ڪورٽ جوڙي ڇڏي ته اهو فيصلو قوم کي تسليم ڪرڻ ۾ ٿورو به وقت نه لڳندو، ٽي رڪني بينچ پاران اهڙي طرح پيچيده ۽ تڪراري مامري جو فيصلو جاري ڪرڻ 100 سيڪڙو انصاف جي اصولن جي خلاف آهي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جڏهن مون کي نيب ڳٺ جوڙ سان جيل موڪليو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ منهنجي ضمانت ڏني، ان کان پوءِ عمران نيازي ۽ ان جي حوارين جي جرئت نه ٿي ته اهي سپريم ڪورٽ وڃي منهنجي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪن، منهنجو جرم صرف اهو هو ته مان اپوزيشن ليڊر طور عمران نيازي جي خراب ڪمن کي وائکو ڪيو. چيف جسٽس صاحب ان پينڊورا باڪس جو ذڪر ڪري ڇڏي ها جيڪو عمران خان حڪومت ايف آءِ اي ۾ داخل ڪيس کي برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي کي موڪليو، ان ۾ الله سرخرو ڪيو، هنن منهنجي خلاف ڊيلي ميل ۾ ڪوڙي خبر ڇپرائي، چيف جسٽس ان جو ذڪر ڪري ڇڏي ها.