جسم کي گرمي کان بچائڻ لاءِ انوکو ڪپڙو تيار

0
230

بيجنگ(دلچسپ نيوز) جسم کي گرمي کان بچائڻ لاءِ انوکو ڪپڙو تيار، جلد وڪري لاءِ پيش ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي هواچونگ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ووهان ٽيڪسٽائل انڊسٽري، چنگ ڊائو جي انٽيليجنٽ ويئر ايبل انجنيئرنگ رسرچ سينٽر ۽ بيجنگ جي چائنا ٽيڪنالاجي اڪيڊمي جي محققن جي گڏيل ڪوشش ڪامياب ٿي وئي. سائنسدانن ميٽافيبرڪ نالي سان انوکو ڪپڙو تيار ڪري ورتو آهي ، اهو ڪپڙو مڊ انفرا ريڊ ريڊي ايشن کي خارج ڪري گرمي پد گهٽائي سگهي ٿو. ان حوالي سان ماهرن جي محنت سان تيار ڪيل اهو جديد ۽ انوکو ڪپڙو مختلف رنگن ۾ جلد ئي عوام جي استعمال لاءِ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته ميٽا فيبرڪ پائيندڙ شخص پنهنجي گرمي واري درجي کي 4.8 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهي ٿو، اهو ڪپڙو انتهائي سستو هوندو. جيئن ته چمڙي جو عام گرمي پد لڳ ڀڳ 37 سينٽي گريڊ ٿئي ٿو پر سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ميٽافيبرڪ پائڻ سان اها 31 کان 32 ڊگري تائين ٿي سگهي ٿو.