حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ وڌندڙ مھانگائي، اٽي جي بحران، ڊجيٽل آدمشماري ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف 11 فيبروري کان احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيئي سنڌ محاذ جو هڪ اجلاس رياض چانڊيو جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي محاذ جي سربراھ رياض علي چانڊيو چيو ته رياست تي قابض مستقل قوت ۽ ان جا اتحادي حڪمران موجوده سياسي ۽ معاشي بحران جا ذميوار آھن. ھنن ڪڏھن به ملڪ ۾ انصاف ڀريو نظام قائم ٿيڻ نه ڏنو. اڄ رياست دنيا ۾ اڪيلائپ جو شڪار ٿي وئي آھي. حڪمرانن جي هٿ ۾ ھڪ طرف ڪشتو آھي ته ٻئي طرف هو ڳرن قرضن جي بار ھيٺ دٻيل آھن. هن چيو ته اسان جي تاريخي وطن تي مستقل رهندڙن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين جي يلغار وڌائي پئي وڃي. اڄ به ملڪ ۾ جھموريت ۽ قومن جي برابري وارو وفاق جوڙڻ بدران طاقتور قوتون جعلي ۽ جڙتو ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ تي بضد آهي جڏهن ته ڪرپٽ ماڻهن کي سنڌ جو واڳ ڌڻي بڻايو ويو آھي. هن چيو ته بک ۽ بدحالي جي ڪري ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ پنهنجا ننگ وڪڻڻ کان به نٿا ڪيٻائين. اسان کي پنھجي سرزمين جي وسيلن جي اختيار ۽ قومي تاريخي حقن لاءِ جھدوجھد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو جنهن لاءِ سنڌي ماڻھن کي تياري ڪرڻ گهرجي.