سکر (بيورو رپورٽ) نوان صوبا ٺاھڻ بابت پارلياماني ڪاميٽي جوڙڻ ۽ پيپلز پارٽي پاران آرٽيڪل 144 ۽ 147 جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل قرارداد جي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۾ شامل جماعتن طرفان 7 کان 8 جنوري تائين سڄي سنڌ جي ڊويزنل ھيڊڪواٽرن ۾ 24 ڪلاڪن جي علامتي بُک ھڙتال ڪئي ويندي، ان حوالي سان  سکر پريس ڪلب آڏو چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي نائب صدر آغا قمر مھشواڻي جي اڳواڻي ۾ علامتي بُک ڪئي ويندي.