جسماني حرارت سان بلب روشن ڪندڙ پٽي تيار

0
355

بيجنگ (دلچسپ نيوز) ٻانهن تي ٻڌجندڙ هڪ اهڙي پٽي تيار ڪئي وئي آهي جيڪا جسماني حرارت سان هڪ ايل اي ڊي روشن ڪري سگهي ٿي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ٻانهن تي ٻڌجندڙ پٽي تهرمو اليڪٽرڪ جنريٽر(ٽي اي جي) اصول جي تحت ڪم ڪندي بجلي ٺاهيندي آهي. مستقبل ۾ به ٽيڪنالاجي اسمارٽ واچ ۽ ٻين اوزارن کي بجلي فراهم ڪندي ۽ ان سان بيٽرين جي ضرورت ختم ٿي سگهي ٿي.چين ۾ واقع بارين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي پروفيسر چيان زينگ ۽ ان جي ساٿين اها ايجاد ڪئي آهي. چيان چوي ٿو ته هن ايجاد سان بيٽري جي مسئلن ۽ بجلي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.واضح رهي ته چيان زينگ لاڳيتو 15 سالن کان ٽي اي جي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري رهيو آهي.