رتوديرو (ن  پ ا  ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ انتهائي اهم اجلاس رتوديرو ۾ شهيد بشير خان قريشي مزار تي ٿيو،اجلاس ۾ جسقم مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر، فناس سيڪريٽري مومن سمون، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطهر سومرو شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سنڌ ۾ ٿيل برسات ۽ ٻوڏ دوران تباهي ۽ بربادي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، ٻوڏ متاثرن جي نالي سان مليل فنڊ ۽ امداد به ٻوڏ متاثر ماروئڙن کي نه ڏئي سگهي آهي، کاڌ خوراڪ، ڪپڙي لٽي دوائن،  معصوم ٻارڙن جي کير ۾ کربين، اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ماڻهن کي کائڻ لاءِ ماني نه ڏئي سگهندڙ سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن ۾ خشڪ خوراڪ پشتن ۽ بادامن جو 18 ارب رپين جو بل ٺاهيو ويو آهي، سنڌ سرڪار ماڻهن جا حق کاڌا پر چوپائي مال جو چارو، بوھ ڪتي ۽ سائو گاھ به سنڌ سرڪار جا باري پتافي جهڙا منسٽر کائي ويا آهن، 11 ڊسمبر تي دادو ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثر ماروئڙن جي مالڪي ۽ واهر لاءِ تاريخي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾  4 ڊسمبر تي تقافتي ڏهاڙي کي ٻوڏ متاثرين جي مالڪي جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، ثقافتي ڏهاڙي تي جسقم ڪارڪن برسات ۽ ٻوڏ متاثرين ماروئڙن جي مالڪي جا بينر کڻي سڄي سنڌ ۾ ڪارڪن کي ريليون ڪڍڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته اجلاس ۾ 17 جنوري تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو جلسو سن ۾ ملهائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، جڏهن ته 14 فيبروري تي محبت واري ڏهاڙي تي رتوديرو ۾ شهيد بشير خان قريشي سان محبت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ڏينهن تي سڄي سنڌ مان شهيد جا عاشق شهيد جي مزار تي  وڻ، گل ۽ ٻوٽا لڳائڻ لاءِ کڻي اچي شهيد سان محبت جو اظهار ڪندا.