ڀٽ شاهه(ن پ ا ) جسقم پاران صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي شاهراهه کان درگاهه ڀٽائي تائين مارچ ڪيو ويو ۽ ڀٽائي جي در تي دانهن ڏني وئي. سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀٽ شاھ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ مارچ ڀٽ شاھ ۾ جلسي اندر تبديل ٿي ويو. درگاهه جي مک گيٽ سامهون جلسو ڪيو ويو. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان گڏ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آڪاش ملاح، پنهل ساريو، ديدار شام، عبدالرشيد ڏيٿو، سيد ھاشم شاھ ، عابد شاهاڻي ، اياز سھتو سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شامل هئا. مارچ کي خطاب ڪندي صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا، وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم پاڻ ۾ متحد ٿي ڌرتي جي دشمنن جو مقابلو ڪري، ڀٽائي کي دانهن ڏيڻ لاءِ لطيف جي نگري ۾ گڏ ٿيا آهيون موجوده حڪمرانن عوام کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، سنڌي عوام کي پاڻ ۾ انقلاب آڻڻ گهرجي، صنعان خان قريشي پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته هڪ سازش تحت سنڌو درياهه جو رخ تبديل ڪيو ويو آهي مهنگائي، بيروزگاري، بدامني، لاقانونيت، ڪرپشن ۽ منشيات جي آزار سبب عوام پريشان آهي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، شهيد بابا بشير خان قريشي جو مشن کڻي نڪتو آهيان سنڌ خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنداسين سنڌي قوم پنهنجا ويڇا وساري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سنڌ دشمنن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي،ڀٽ شاھ کان پوءِ هاڻي ڪراچي ۾ جسقم جو مارچ ڪري جلسو ڪيو ويندو جنهن لاءِ ڪارڪن تياري ڪن، مارچ کي ديدار شام، عبدالرشيد ڏيٿو، اشرف ڪلهوڙو ، اطهر سومرو ۽ ٻين به خطاب ڪيو،