ڪراچي (نمائندن وٽان) جسقم جو مرڪزي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ڪراچي جي علائقي ناظم آباد مان گم، وارثن پاران گرفتاري جو شڪ ظاهر، جڏهن ته حيدرآباد مان پوليس ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس پٽ جاني ڪالاڻي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب الاهي بخش بڪڪ جي ڌيءُ مرڪ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سندس والد جي گمشدگي بابت درخواست داخل ڪرائڻ جو فيصلو. ان ڏس ۾ الاهي بخش بڪڪ جي ڌيءُ مرڪ الاهي بخش پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالهه منجهند جو بابا ڪنهن ڪم سانگي گهران نڪتو،ان بعد واپس ناهي موٽيو، بابا سان ڪالهه کان ڪوبه رابطو ناهي، فيس بُوڪ ۽ واٽس ايپ تي ميسيجز اُماڻيون ٿا پر پڙهڻ باوجود ڪوبه جواب نٿو اچي. مرڪ وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جو والد سياسي ڪارڪن آهي، بابا کي پوليس کنڀيو آهي پر گرفتاري ظاهر نه پئي ڪئي وڃي، اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بابا جي گمشدگي بابت درخواست داخل ڪرايون پيا،هن چيو ته بابا تي ڪو ڪيس آهي ته اهو ظاهر ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.ٻي طرف حيدرآباد ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس ٻئي نمبر پٽ جاني ڪالاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، پوليس قاسم آباد اسپتال ڀرسان قائم سميرا نورين ڪاٽيجز ۾ ڇاپو هڻي ابتدائي طور ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي وڏي پٽ بابو کي گرفتار ڪيو، پوليس کي جڏهن معلوم ٿيو ته بابو بئنڪ آفيسر آهي، جنهن بعد کيس ڇڏي پوليس سندس ننڍي ڀاءُ جاني کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي، ان حوالي سان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پاڻ سندس گهر تي چڙھائي جي تصديق ڪئي آھي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي موجب هن صوبائي وزيرن جي بحريا ٽائون ۾ باھ بابت ڪيل پريس ڪانفرنس جي حوالي سان وڊيو بيان جاري ڪيو آھي ۽ ان ردعمل ۾ سندس گهر تي چڙھائي ڪئي وئي، ڇاپي وقت ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي گهر ۾ موجود نه هو، ٻي طرف مقامي پوليس ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي ڇاپي ۽ سندس پٽ جي گرفتاري جي تصديق نه ڪئي.