سن: سائين جي ايم سيد جي 26 هين ورسي تي جسقم جي اڳوڻي سينئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ساٿين سان گڏجي سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي حاضري ڀري، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ کي سنڌي قوم هجڻ جي سڃاڻپ ڏني، هن ٻُڌايو ته سنڌ هزارين سالن کان الڳ وطن ۽ جدا قوم آھي، آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي وقت کانپوءِ سائين جي ايم سيد ئي واحد شخص آھي جنهن سنڌي ماڻهن کي وطن سمجهايو ۽ دليلن جي بنيادن تي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪٿي به مذهبن جي بنياد تي قومن جو تصور ڪونهي، قومن جو تصور زبان، ڪلچر، تاريخي روايتن تي هوندو آھي.