سکر: جتوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ ھڪ ڪارڻ ٻيلي کاتي جي زمين تي قائم مڇي فارم به جرڳي ۾ سامھون اچي ويو، جرڳي ۾ ٻنھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جي ھڪ نئين ڳالھه سامھون آئي ته ٻنھي ڌرين ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قائم مڇي فارم تي تڪرار پڻ ھيو، جرڳي ۾ مڇي فارم واري تڪرار کي به نبيريو ويو، مڇي فارم اڌ جاگيراڻي ۽ اڌ جتوئي برادري کڻندو، ايندڙ سال ٻيلي کاتي جي ٿيندڙ آڪشن ۾ حصو وٺڻ بعد جنھن کي آڪشن مليو اِھو مڇي فارم کڻندو.