جروار (ن پ ا) جروار ۾ چار ڏينهن موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل پورهيت فوت، پوليس موٽرسائيڪل سوار کي گرفتار ڪري ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب جروار ويجهو ڳوٺ نورمحمد جلباڻيءَ جو رهواسي رمضان جلباڻي چار ڏينهن اڳ شھر مان واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ پويان ايندڙ  تيز رفتار موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو هو. گذريل ڏينهن زخمن جا  سور نه سهندي سول اسپتال ميرپورماٿيلو ۾فوت ٿي ويو. فوتي رمضان جلباڻيءَ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن جروار پوليس موٽرسائيڪل سوار نوجوان راشد ملڪ کي گرفتاري بعد ڏيتي ليتي عيوض آزاد ڪري ڇڏيو.