جروار (ن پ ا) جروار ۾ ڳوٺاڻن جو ليڊي ڊاڪٽر خلاف احتجاج، غلط علاج ڪرڻ جو الزام، ڊاڪٽرياڻي الزام کي رد ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب جروار جي ڳوٺ خدا بخش لغاريءَ جي رهواسي ڪوڙو لغاري، مسمات حسينه لغاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته هنن ناديه لغاريءَ کي ميرپورماٿيلو ۾ ڊاڪٽر پروين ميراڻي جي اسپتال ۾ داخل  ڪرايو، جتي علاج دوران مريض عورت جي حالت ويتر خراب ٿي وئي، جنهن بعد  ڊاڪٽرياڻي اسپتال ڇڏي فرار ٿي ويئي، اسان ايمرجنسي ۾ پنهنجي بيمار عورت کي رحيم يار خان کڻي وياسين جتي ڊاڪٽرن چيڪ اپ بعد ٻڌايوته عورت جي بيماريءَ جو علاج غلط ٿيو آھي. وارثن موجب مريض عورت هن وقت زندگي ۽ موت جي ٻِواٽي تي بيٺل آهي. هنن ڊي ايچ او، ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته غلط علاج ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن مبينا غلط علاج ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر پروين ميراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون مٿان الزام بي بنياد آھن. ڪوڙا الزام هڻي منهنجي ساک خراب ڪئي پئي وڃي.