جروار (ن پ ا) جروار ۽ ڀرپاسي جي يوسيز ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن اليڪشن ورڪ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو. يوسي دلمراد گبول ۾ جي ڊي اي اميدوارن خليل خان گبول، عبدالرزاق گبول ۽ ٻين اميدوارن مختلف ڳوٺن ۾ وڃي ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. اميدوارن علائقي واسين کي اپيل ڪئي ته جي ڊي اي  اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي.