جروار (ن پ ا) جروار پوليس ڳوٺ نئون چنڙ ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ بڪي ۽آڪڙا پرچي جي اڏن تي ڇاپو هنيو ته جوارين ۽ اهلڪارن هڪ ٻئي تي مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، ان دوران ڪيترائي ڳوٺاڻا به پهچي ويا ڳوٺاڻا پوليس کان گرفتار جواري ڇڏائي ورتا. ڳوٺاڻن جي پهچڻ تي پوليس واپس رواني ٿي ويئي ڪابه گرفتاري نه ڪري سگهي، هوڏانهن جروار پوليس آڪڙا پرچي ۽ ڪرڪيٽ بڪ هلائيندڙ منصور چنڙ مهر، شفقت علي، شير محمد، لطف علي چنڙ سميت ٻن نامعلوم ماڻھن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ جوا جو ڪيس داخل ڪيو ويوسرڪار پاران اي ايس آءِ امان الله ڪلوڙ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.