جروار (ن پ ا) جروار ويجهو ڳوٺ مان پنجن گهرن مان 11سولر پليٽون چوري، پيرا کڻي گهر ۾ هڻڻ تان جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڄڻو گرفتار. تفصيل موجب جروار ٿاڻي جي ڳوٺ پيربخش گبول مان گذريل رات نامعلوم چور ڳوٺاڻي امجد گبول، اڪرم چنو، زبيح الله چنو، منور چنو سميت پنجن ڳوٺاڻن جي گهرن مان 11سولر پليٽون چوري ڪري کڻي ويا. بعد ۾ ڳوٺاڻن کوجي ڪتا گهرائي پيرا  ڳوٺ ڀرسان هڪ گهر ۾ هنيا ته گهر ڌڻي ۽ ڀاڳين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جروار  پوليس ڪارروائي ڪندي گهر ڌڻي وسير احمد عرف مغلو گبول کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايچ او جروار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ جاري آهي. ان سلسلي ۾ گهرڌڻي امجد گبول پوليس مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته جروار پوليس کي چور پڪڙي ڏنو آھي، خدشو آهي ته پوليس چور کي آزاد ڪري ڇڏيندي.