ڪولون(م ڊ) جرمني جي شهر ڪولون ۾ پهريون ڀيرو لائوڊ اسپيڪر تي اذان ڏني وئي. هڪ لک کان وڌيڪ مسلمان آبادي واري شهر جي وڏي مسجد ۾ اذان لاءِ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال جي اجازت ڏني وئي جنهن بعد شهر ۾ اذان جي گونج ٻڌي وئي. لائوڊ اسپيڪر  تي اذان جي اها اجازت گذريل سال ڏني وئي هئي.