ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جرمن اسڪول اورنگي ٽائون جي زمين تي عدالت جي منع نامي باوجود  اڏاوت تان ڊي سي اولهه ۽ ڪي ايم سي کي نوٽيس جاري ڪري 11 آگسٽ تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ماسٽر پلان سان گڏ تفصيلي  رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي منع نامي باوجود قبضا مافيا ٽن اسڪولن جي زمين تي قبضو ڪري  ڀتين جي اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي ،