قاهرا (دلچسپ نيوز) مصر جي هڪ مقامي عدالت ۾ جج پنهنجي غلطي تي پاڻ کي سزا جو حقدار قرار ڏيندي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ۾ موجود ماڻهو سندس ان قدم تي حيران ٿي ويا، اسٽيٽ ڪائونسل جي وائيس چيئرمين جسٽس محسن ڪلوب هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو ته اوچتو سندس موبائل فون جي گهنٽي وڄي وئي، ان تي جج خود احتسابي عمل جو مظاهرو ڪندي پنهنجي مٿان 5 سئو مصري پائونڊ ڏنڊ مقرر ڪري ڇڏيو سندس چوڻ هو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران موبائل فون بند نه ڪرڻ سبب رڪاوٽ پيدا ٿي انڪري آئون ڏوهاري ثابت ٿيو آهيان. جسٽس محسن ڪلوب ان موقعي تي ڪيس جي ڌرين کان معافي پڻ ورتي.