شڪارپور (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور جي ھدايتن تي ففٿ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ شڪارپور عبدالحفيظ چاچڙ پاران سول اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو ويو، سول جج اسپتال جا مختلف وارڊ گھمي ڏٺا ۽ مريضن کان علاج معالج ۽ دوائن جي فراھمي بابت معلومات ورتي، سول جج جي دوري دوران سينئر ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر ارشد آغا، وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ناديه ناپر، سي ايم او ڊاڪٽر شعيب شيخ، ڊينٽل ٽيڪنيشن قربان سومرو، اي سي جي ٽيڪنيشن راجيش ڪمار ۽ وارڊ سرونٽ غلام نبي ڊيوٽي تي موجود نه ھئا، جنھنڪري سول جج جي حڪم تي غيرحاضر رھندڙ ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، ان موقعي تي مريضن دانھيندي چيو ته ھميشه  جيان اڄ ڊاڪٽرس جو انتظار ڪري رھيا آھيون، ان مھل تائين ڪوئي ناھي پھتو، ھنن جو چيو ته ڪڏھن ڪڏھن انتظار ڪري ڪري واپس ويندا آھيون.