اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گريڊ 22 جي آفيسرن، ججن ۽ بيورو ڪريٽس کي پلاٽ الاٽ ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو ڏيندي سموري الاٽمينٽ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي، ڪالهه جسٽس محسن اختر ڪياني درخواست گذار رياض حنيف راهي جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ججن ۽ سول سرونٽس کي پلاٽ الاٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به قانون موجود ناهي، حڪومت جيڪڏهن انهن کي پلاٽ الاٽ ڪري ٿي ته ان لاءِ پهريان قانون سازي ڪئي وڃي ۽ اهو مامرو وفاقي ڪابينا جي سامهون رکيو وڃي، وفاقي ڪابينا جيڪڏهن اهو پيڪيج برقرار رکڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ قانون سازي ڪري.


































