ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) جوڊيشل ڪميشن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندگي ڪندڙ اختر حسين به سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته ورهائجڻ کان بچڻ لاءِ فوري طور تي ڪميشن جي رولز ۾ ترميم ڪئي وڃي، رولز ۾ ترميم لاءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جي سربراهي ۾ ڪاميٽي کي متحرڪ ڪري اهو ٽاسڪ 4 هفتن ۾ مڪمل ڪرايو  وڃي، اختر حسين پنهنجي خط ۾  وڌيڪ چيو آهي  ته رولز ۾ ترميم جو مقصد ججن جي مقرري ۽ نامزدگي ۾ شفافيت آڻڻ آهي. هن چيو ته ڪميشن ۾ ورهائجڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪميشن کي چونڊن وانگر نه ورتو وڃي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ججن جي نامزدگي لاءِ چيف جسٽس سميت ڪميشن جي سمورن ميمبرن کي اختيار ڏنو وڃي. اختر حسين جو خط ۾ چوڻ آهي ته ججن ۽ اٽارني جنرل جي خطن کانپوءِ مون به خط لکڻ ضروري سمجهيو، منهنجي خيال ۾ پريس رليز، آڊيو ريڪارڊنگ ۽ خط لکڻ لازمي نه هو پر 28 جولاءِ تي ڪميشن جو اجلاس جهڙي طرح ختم ڪيو ويو، جنهن ڪري اها صورتحال پيدا ٿي، جيڪڏهن اهو اجلاس فارمل طريقي ( عام رواجي طريقي) سان ختم ٿئي ها ته نتيجا مختلف هجن ها. هن چيو ته پريس رليز ۽ آڊيو ريڪارڊنگ جاري ڪرڻ کان اڳ ميمبرن کان مشاورت ڪئي وڃي ها.  اٽارني جنرل خط ۾ جسٽس سردار طارق مسعود جي موقف سان اتفاق ڪيو،  انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اٽارني جنرل رولز ۽ ججن جي مقرري جو طريقيڪار طئه ٿيڻ تائين اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. هوڏانهن ڪميشن جي ميمبرز ۾ اختلافن جون خبرون ڳڻتي جوڳيون آهن، چيف جسٽس جي ذميواري آهي ته سمورن ميمبرز جا خدشا ختم ڪري، سمورن ميمبرز جي مشاورت سان فيصلا ٿيڻ گهرجن