ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  موجوده ۽ رٽائرڊ ججن کي نيب قانون جي دائري ۾ آڻڻ  لاءِ پاڻ ترميم پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته  ججن کي نيب قانون ۾ وڏي دلچسپي آهي، خبر ناهي ته ججن کي نيب قانون ۾ ڪهڙي خوبي نظر اچي رهي آهي؟ ڪرپشن هر جاءِ تي آهي، پارليامنيٽ ۾به آهي، عدليه ۾ به هوندي، هر پاڪستاني تي  هڪئي قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي، بدقسمتي سان اسانجي عدليه ٻٽي معيار تي هلي رهي آهي، جنهن جو دفاع ڪري نٿو سگهجي، هاڻ ٻِٽَي معيار وارو نظام نه هلندو، اسان ڪيستائين مقدس ڳئون وارِي قانونسازي ڪنداسين؟ هاڻ اسان مقدس ڳئون وارو قانون هلڻ نه ڏينداسين، نيب سياسي انجنيئرنگ ۽ غير جمهوري قوتن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ٺهيو هو، انهي اداري کي بند ٿيڻ گهرجي، 73ع واري آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي پ پ پاران سنڌ اسمبلي ۾ ڪرايل پهرين سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته لاڙڪاڻي جو وزيراعظم هجي ته ڦاهي چاڙهيو وڃي ٿو ، لاهور جي  زمان پارڪ واري وزيراعظم لاءِ آئين کي ٻيهر لکي جج پاڻ کي مذاق پيا بڻائين، هن چيو ته 18 ترميم تي تنقيد ڪندڙن کي 73ع واري آئين سان مسئلو آهي، ڪجهه طاقتن کان آئين برداشت نه ٿو ٿئي، ضياالحق ۽ پرويز مشرف به آئين تي حملا ڪيا،  1973ع جي آئين کي اسان ٺاهيو هو،  اسان ئي انهي کي بچائينداسين، هن چيو ته بينظير سياسي مخالفن وٽ وڃي ميثاق جمهوريت جي ڳالهه ڪئي هئي، هڪ شخص ( عمران خان طرف اشارو) سياست کي اِن حد تائين ورهايو آهي جو اسان هڪ ٻئي سان ڳالهين لاءِ تيار ناهيون،، جيستائين اسان ( سياستدان) پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين، تيستائين فائدو ڪو ٻيو کڻندو رهندو،  هن چيو ته هر شهري کي پنهنجا نمائندا چونڊي ايوان تائين پهچائڻ جو حق آهي، غريب ۽ امير جي ووٽ جي هڪ جيتري طاقت آهي، آمر جي دور ۾ پاڪستان جي آئين کي پائمال ڪيو ويو، آئين تي ٿيل حملن جا نقصان اسان اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون، اسان جي مُلڪ جون حالتون ايتريون خراب هيون جو هڪ ٻئي سان ڪو گڏ ويهڻ لاءِ به تيار نه هو، جنهن جي  نتيجي ۾ مُلڪ کي نقصان ٿي رهيو هو، اسان جيترو گھٽ ڪم ڪنداسين ايترو ئي غيرجھموري قوتن کي فائدو ٿيندو،  هن چيو ته اسان جنهن آئيني ۽ معاشي  بحران مان گذري  رهيا آهيون اهڙيون حالتون اسان پاڪستان ۾ ڪڏهن به نه ڏٺيون  آهن، هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو  مسئلو معيشت آهي، مُلڪ ۾ هن وقت به سيلاب جا اثر آهن، سمورن مسئلن جو حل آئين ۾ آهي، بلاول ڀٽو چيو ته  اڄ به مُلڪ جو عوام پارليامينٽ ۽ عدليه ڏانهن نهاري رهيو آهي، ائين نه ٿو ٿي سگھي ته توهان لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ وزيراعظم کي ڦاهي ڏيو، جڏهن ته لاهور جي زمان پارڪ سان تعلق رکندڙ وزيراعظم جي ڄنگهه ۾ تڪليف سبب عدالت سندس هڪ هفتي تائين انتظار ڪندي رهي. اهو ٻٽو نظام نه هلندو ۽ نه ئي اسان برداشت ڪنداسين، جيڪو مقدس ڳئون جو سلسلو هلي پيو،  اهو هاڻي بند ٿيڻ گھرجي، هن چيو ته بينظير ڀٽو کي اخبار جي هڪ ايڊيٽوريل تي هٽايو ويو، جڏهن ته  لاڏلي کي بچائڻ لاءِ آئين ۾ به ترميم ڪئي پئي وڃي.