اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف ججن ۽ جنرلن کي مليل تحفن جا تفصيل به جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ تحفن  کي گوشوارن ۾ ظاهر ڪرڻ ۽ ان تي ٽيڪس جي ادائگي جي اعليٰ عدالتي جاچ ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري ن ليگ کان چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ ان جي گهرواريءَ جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا تي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته توشا خاني جي تفصيلن مطابق شريف ۽ زرداري خاندان ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هنيو آهي، پاڪستان کي ڌوکو ڏيڻ ۾ ملوث شريف ۽ زرداري خاندان جو هڪ ٻيو ثبوت سامهون اچي چڪو آهي، گذريل 11 مهينن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي الزامن جي ڀرمار ڪئي وئي، عمران خان توشا خاني مان قانوني طريقيڪار تحت انهن سڀني کان گهٽ تحفا ورتا، زرداري ۽ نواز شريف غير قانوني طور تي توشا خاني مان گاڏيون ڪڍرايون، توشا خاني جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪا فهرست منظر عام تي آئي آهي اها نامڪمل آهي، 1988ع کان تفصيل سامهون اچڻ گهرجن، پاڪستان ۾ مقدس ڳئون جو تصور ختم ڪري ججن ۽ جرنيلن جا تفصيل به سامهون آندا وڃن، هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي اهو سڀ ممڪن ٿيو ان جو ٿورو ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عوام کي ملڪ ۾ شفافيت جي نئين راهه ڏيکاري، هن مطالبو ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ ڪميشن ٺاهي جاچ ڪري ته انهن تحفن جي قيمت قانون جي مطابق ادا ٿي؟ ۽ ڊڪليئر ڪيا ويا يا نه؟ نواز ليگ کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف منفي مهم هلائڻ تي انهن کان معافي وٺڻ گهرجي، نواز ليگ جي ڪوڙي مهم ۽ گهٽيا بيانيي جو پول عوام سامهون کلي چڪو آهي.