ججز کان به آئين سان بغاوتن جو حساب ورتو وڃي: خواجه آصف

0
310
ججز کان به آئين سان بغاوتن جو حساب ورتو وڃي: خواجه آصف
ججز کان به آئين سان بغاوتن جو حساب ورتو وڃي: خواجه آصف

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڇا اسان کي سُپريم ڪورٽ جو رڪارڊ ملي سگهي ٿو ته ڪهڙي جج ٻڌڻي کان انڪار ڪيو، اسپيڪر سُپريم ڪورٽ کي خط لکي ججز جي اجلاس جو رڪارڊ گهرائي

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته پنچائتون لڳائڻ يا هدايتون ڏيڻ سُپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي، آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته چيف جسٽس پنچائتون لڳائيندو

هن چيو ته چيف جسٽس پهرين پنهنجي گهر ۾ پنچائت لڳائي، پوءِ هدايتون جاري ڪري، وزيراعظمن جون ڳچيون وٺڻ واري روايت بند ٿيڻ گهرجي، اسان کي اداري جي وقار خاطر ويڙهه ڪرڻي پوندي

خواجه آصف چيو ته سياسي برادري ۾ هڪ پارٽي کي پهرين جيان هاڻي به سهولتڪار مليا آهن، اسان کي عدليه جي تاريخ جو حساب ڏنو وڃي،  اسيمبلي ۾ هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ذوالفقار ڀٽو جي شهادت کان گيلاني ۽ نواز شريف نااهلي سميت آئين ختم ڪرڻ جو عدليه کان حساب وٺي

خواجه آصف چيو ته عدليه وارا پنهنجي وڏن جو حساب ڏين، اسان ته روزانو حساب ڏيندا آهيون، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چيف جسٽس ڊئم لاءِ فنڊز گڏ ڪندو؟، ڊئم جي نالي تي قوم کي ڊيم فول بڻايو ويو، سياستدانن آمرن جي حمايت جي قيمت ادا ڪئي، پر ججز اُن جي قيمت ادا نه ڪئي آهي

خواجه آصف چيو ته آئيني ڀڇڪڙي ڪندڙن جي باقيات کي پارليامينٽ ۾ گهرايو وڃي، جنگ وڙهڻي آهي ته پوءِ جنگ ٿيندي، پارليامينٽ هٿيار ڦٽا نه ڪندي، هو پنهنجي وزيراعظم کي قرباني جو ٻڪرو نه بڻائيندو، اُهو وقت ختم ٿي ويو جو وزيراعظم قرباني جو ٻڪرو ٿيندا هئا، پاڪستان جي عدليه سنگين ڏوهه ڪيا آهن، جِن جي ڪابه بخشش ناهي هوندي

هن کي به پڙهندا

سياسي ماڻهو انصاف نه پرمن پسند فيصلا چاهين ٿا:چيف جسٽس

اسيمبلين کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي: راڻا ثناءُ الله

پيٽرول اگهن بابت اوگرا جي سفارش تي اسحاق ڊار جي وضاحت