ججز مقرري ۾ سدائين بارز کان راءِ وٺندا آهيون، سمجهه ۾ نٿو اچي ته بار ڪائونسلز جي احتجاج پٺيان ڪهڙا مقصد آهن؟:چيف جسٽس

0
380

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آھي تھ ججز مقرري ۾ سدائين بارز کان راءِ وٺندا آهيون، سمجهه ۾ نٿو اچي ته بار ڪائونسلز جي احتجاج پٺيان ڪهڙا مقصد آهن؟، چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس گلزار احمد فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪيو، جسٽس گلزار احمد چيو ته بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن لاءِ اڄ به دروازا کليل آهن، قانوني مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا.

بار ڪائونسل جي ميمبر امجد شاهه چيو ته ميڊيا شديد دٻاءُ جو شڪار آهي، سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ جي اجازت ناهي، عدليه ميڊيا جي آزادي يقيني بڻائي، اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ مڪمل ناهي، عورت جج جي کوٽ سان اڌ آبادي جي نمائندگي متاثر ٿيندي، هڙتال مزدورن جو هٿيار هو، جيڪو ظلم ۽ ناانصافين خلاف استعمال ٿيندو هو، پر هاڻ هڙتال کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.