اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري ۽ پاڪستان ميڊيڪل، ڊينٽل ڪائونسل جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ ڌار ڌار بل پيش، ٻئي بل غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽين حوالي، ڪالهه سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي فاروق ايڇ نائيڪ اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري بابت آئين جي آرٽيڪل 175 ۾ ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته هن وقت جوڊيشل ڪميشن ۾ ججن جو تعداد 9 آهي، جنهن ۾ هڪ چيف جسٽس، 4 سپريم ڪورٽ جا جج شامل آهن، جڏهن ته ججن کانسواءِ صرف ٽي ميمبر اٽارني جنرل، هڪ بار ڪائونسل جو نامزد نمائندو ۽ هڪ وفاقي وزير جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر  هوندو آهي، ان ۾ ججن جو تعداد وڌيڪ آهي، جنهن ڪري ججن کانسواءِ باقي ٽن ميمبرن جو آواز دٻجي وڃي ٿو، اسان چاهيون ٿا ته جوڊيشل ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جا 4بجاءِ 3 جج هجن، ان ۾ رٽائر جج جو ڪو ڪردار نه هجڻ گهرجي، هن وقت 13 ماڻهو هاءِ ڪورٽ جي ججن جي به چونڊ ڪن ٿا، انهن جو تعداد 11 ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، هن بل ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري جي طريقيڪار ۾ به ترميم شامل ڪئي وئي آهي، ان لاءِ به ڪاميٽي هجڻ گهرجي، جيڪا ڪاميٽي ابتدائي طور تي ججن کي نامزد ڪري، اهي هاءِ ڪورٽ جا جج ٿين، جڏهن ته سينيئر ترين جج هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس  ٿئي. سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا پاڪستان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪائونسل جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ ترميمي بل پيش ڪيو، صحت جي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته پي ايم سي  قانون سبب سنڌ ۽ بلوچستان جون 55 سيڪڙو سيٽون  خالي آهن، 16 هزار شاگردن پرڏيهه ۾ داخلا ورتي، جنهن سان 9 ارب ڊالر ملڪ کان ٻاهر ويا، پي ايم سي شاگردن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون، هن ترميمي بل جي حمايت ڪيون ٿا، هن بل کي اڄ ئي منظور ٿيڻ گهرجي پر ان بل سوڌو  فاروق ايڇ نائيڪ جي بل کي به وڌيڪ لاڳاپيل ڪاميٽين ڏانهن اماڻيو ويو، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪاميٽين کي هدايت ڪئي آهي ته انهن بلن تي 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.