ڪراچي (نمائندن وٽان) هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ججز مختلف ڪاليجز ۽ اسڪولز تي ڇاپا هنيا،  ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڊگري ڪاليج گڏاپ ۾ڇاپو هنيو، جتي 21 استادن جي جاءِ تي رڳو 14 مقرر ٿيل هئا، ڪاليج ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ هجڻ تي جج پرنسپال کان پڇاڻو ڪيو.  ميرواهه گورچاڻي ۾ سول جج ڪوٽ غلام محمد مختلف سرڪاري ڪاليج ۽ اسڪولن تي ڇاپا هنيا، جج استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حاضري کي يقيني بڻائڻ سميت اسڪولن جي مسئلن بابت معلومات ورتي، سول جج عبدالقادر کوسو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسڪولن ۾ استادن توڙي شاگردن جي حاضري نه هئڻ برابر آهي، سول جج نئين تعمير بعد بند پيل گرلز ڪاليج جو دورو پڻ ڪيو جنهن کي تالا لڳل هئا، سرڪاري عمارت کي ڳوٺاڻن اوطاق بڻائي ڇڏيو هو. شهدادپور ۾ سول جج ريحان عبدالهادي ميمڻ گرلز ڊگري ڪاليج ۽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران ٽيچرز پاران موبائل فون استعمال ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ماسترياڻين جي حاضري نه هجڻ سبب گرلز ڪاليج جو مسٽرول تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، شاگردن جج آڏو نوٽيس بورڊ نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون. سرهاري ۾ سول جج شفيق احمد کرل بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ٽرانسپورٽ اڏي ۽ زرعي زمين ۾ تبديل هجڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، اسڪول جي مسٽرول چيڪ ڪرڻ دوران اسڪول جي چوڪيدار محمد صادق ۽ غلام مرتضيٰ جي ٻن ڏينهن جي اڳواٽ حاضري لڳل هئي، جج هيڊ ماستر کي ڇنڊ پٽي، ھيڊ ماستر جاويد اختر جمالي جج کان لکت ۾ معافي ورتي، جج هيڊ ماستر کي پابند ڪيو ته فصلن جي آمدني سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي، جڏهن ته اسڪولي حدن ۾ ٽريڪٽر ٽراليون، چنگچي لوڊر ۽ ٻئي ٽرانسپورٽ بيهڻ توڙي ريتي بجري ۽ ڪريش جا دڪان کليل هجڻ تي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فوري طور ڪاروائي ڪري اسڪولي حدن مان کين نيڪالي ڏئي ڇڏي، شاهپورچاڪر ۾ سول جج بوائز ڊگري ڪاليج جي دوري دوران نئين تعمير ٿيل سي سي پاٽ ٽٽل هجڻ تي ٺيڪيدار گل محمد ڏاهري کي نوٽيس جاري ڪندي اڄ عدالت ۾ طلب ڪري ورتو ۽ چوري واري شڪايتن تي پوليس کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي