اسلام آباد (بيور رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته هن ڪيس ۾ عدليه جي آزادي جو به سوال آهي، ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٽيپ ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي، آرٽيڪل 14 تحت انساني وقار جي به خلاف آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلي ۾ رازداري کي مقدم رکيو ويو آهي بظاهر ايئن لڳي ٿو ته ڪميشن جي جوڙجڪ سپريم ڪورٽ جي معاملن ۾ مداخلت آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج خلاف ڪميشن ڪيئن جاچ ڪري سگهي ٿي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل ئي ججز بابت جاچ ڪري سگهي ٿي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي، اهڙا قدم ڇا مس ڪنڊڪٽ ناهي، سپريم ڪورٽ جي جج خلاف ريفرنس اٽارني جنرل آفيس کان ٿي اچي ٿو، اختيارن جي تقسيم واري اصول کي حڪومت ڪيئن ختم ڪري سگهي ٿي؟، ضلعي عدالت جج خلاف به حڪومت سڌي ريت ڪارروائي نٿي ڪري سگهي مون کي تمام گهڻو افسوس آهي ته هڪ جج خلاف ڪارروائي جو چيو وڃي، انڪوائري ڪميشن عدليه جو اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي، حڪومت ٽن ججز کي ٻين ججز خلاف ويهاري رهي آهي، تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، هڪ جج خلاف مرضي جو بيانيو نٿو ٺاهي سگهجي.