اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو گمشدگي ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو ته جبري گمشدگين جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيون؟  يا وري ٻڌائي ڇڏيو ته هتي رياست اندر رياست قائم ٿيل آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيل شهرين جي بازياب نه ٿيڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته عدالت پنهنجي گذريل آرڊر ۾ ڇا لکيو ته اهو پڙهي ٻڌايو، اِن آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته مسنگ پرسنز کي بازياب ڪري پيش ڪيو وڃي، اهي ڪٿي آهن؟ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جاچ ايجنسيز به ڪوشش ڪن پيون. ان تي چيف جسٽس اطهر من الله  چيو ته عدالت کي ڪاميٽين ۾ نه ڦاسايو، اهو ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عمل ٿيو يا نه؟ وفاقي حڪومت جو ايڪشن ڪٿي آهي؟  اڃا به روز ماڻهو کنڀيا پيا آهن، پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي، وفاقي حڪومت کي پرويز مشرف ۽ ان بعد سمورن وزيراعظمن کي نوٽيسز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو ته اهي نوٽيسز ۽ حلفي بيان ڪٿي آهن؟ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس  ڏيندي چيو ته اهم ترين معاملو آهي ۽ ان ۾ رياست جو اهو رويو آهي، ڇا وفاقي حڪومت جي جوڙيل ڪاميٽين جا اجلاس ٿيا آهن؟ عدالت حڪم ڏنو هو ته حڪم تي عمل نه ٿيندو ته هاڻوڪو ۽ اڳوڻو گهرو وزير پيش ٿيندو، گهرو وزير ڪٿي آهي؟ ڇا اهو عدالتي حڪمن تي عمل ٿي رهيو آهي؟ ڇا اهو سٺو لڳندو ته چيف ايگزيڪيوٽو کي سمن جاري ڪري؟ عدالت چيو ته سڀ حڪومتون آئين ۽ پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن، هي معاملو وفاقي حڪومت ۽ سموري سياسي قيادت جي ترجيحن ۾ شامل هئڻ گهرجي ها. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو ته مسنگ پرسنز جي بازيابي لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته وفاقي ڪابينا هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي، جيڪا نه هئڻ برابر آهي، جبري گمشدگين جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيون؟ يا وري ٻڌايو ته هتي رياست جي اندر رياست آهي، پوليس، آءِ بي ۽ آرمد فورسز جي ايجنسيز تي پڻ الزام مڙهيا ويندا آهن، جيترا به ڪيسز آهن ان مان ڪو هڪ ئي ٻڌايو ته کيس نه کنڀيو آهي؟ عدالت چيو ته بچاءُ وارو ڪنهن جي ماتحت آهي، يا وزيراعظم چئي ته هو بيوس آهي، جيڪڏهن وزيراعظم بيوس ناهي ته آئين کيس ذميوار قرار ڏئي ٿو. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڳالهه سان اختلاف ناهي ته ماڻهو هليا ويندا آهن پر رياست جي به ڪا ذميواري هوندي آهي ۽ اها ڳالهه به درست آهي ته رياست جبري گمشدگين م ملوث آهي، رياست ٽريس ڪري رپورٽ ڏئي ته لاپتا ماڻهو ڪيڏانهن ويا آهن، هن ملڪ ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ٿيندا رهيا آهن ۽ پوليس اهي قتل ڪندي رهي آهي.