جاپان ۾ انوکي سروس شروع: ضرورتمند ٿلها ماڻهو ڪرايي تي وٺي سگهندا

0
403

ٽوڪيو(دلچسپ نيوز) جاپان ۾ انوکي سروس شروع: ضرورتمند ٿلها ماڻهو ڪرايي تي وٺي سگهندا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان ۾ هڪ شهري مسٽر بلس ڊيبوڪاري نالي سان انوکي سروس شروع ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ان سروس تحت ڪمپنيون توڙي شهري 18 ڊالر في ڪلاڪ جي حساب سان ٿلها ماڻهو حاصل ڪري سگهندا جڏهن ته ڊيبوڪاري سروس جو حصو بڻجڻ لاءِ جاپاني شهري هجڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 100 ڪلوگرام وزن لازمي قرار ڏنو ويو آهي. مسٽر بلس اهڙن ماڻهن کي پاڻ وٽ رجسٽر ڪري ٿو ۽ پوءِ آرڊر ملڻ تي انهن جي سروس فراهم ڪري ٿو. ان حوالي سان مسٽر بلس جو چوڻ آهي ته ڪپڙن جي برانڊ لاءِ ٿلهي ماڻهو جي ضرورت وقت خيال آيو ته ڇو نه اهڙي سروس شروع ڪجي. هن ٻڌايو ته 2017ع ۾ مون ٿلهن ماڻهن لاءِ هڪ ٽيلينٽ ايجنسي به کولي هئي ته جيئن انهن جي همت وڌائي سگهجي. واضح رهي ته جاپان ۾ مختلف ڪمن ۽ مقصدن لاءِ ڪرايي تي ماڻهو حاصل ڪرڻ هاڻي عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي، ماڻهو اڪيلائي ختم ڪرڻ، بي وفا محبوب کي سبق سيکارڻ ۽ اخبارون پڙهي ٻڌائڻ لاءِ سروس وٺن ٿا.