ٽوڪيو(انٽرسٽنگ نيوز) جاپان ۾ اسٽيشنري رٻڙ (اکر ڊاهڻ وارو رٻڙ) بڻائيندڙ هڪ ڪمپني اکر ڊاهڻ وارو تمام وڏو رٻڙ ٺاهيو آهي جيڪو تقريبن دنيا جو سڀ کان وزني استعمال قابل رٻڙ آهي. ريڊار ايس 10000 نالي هن رٻڙ جو وزن 5 پائونڊ (سوا ٻه ڪلو گرام) آهي. پر هن جي قيمت لڳ ڀڳ 100 ڊالر (پاڪستاني 24000 رپين) جو آهي. سيڊ نالي ڪمپني جاپان ۾ 1915 ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن 1968 ۾ ريڊار نالي ايريزر پيش ڪيو هو جيڪو گهڻو مقبول ٿيو آهي. گهڻي قيمت جي باوجود ٻارن ۽ استادن ۾ اهو پنهنجي ڊيزائننگ ۽ اکر ڊاهڻ جي غير معمولي صلاحيت جي ڪري هر هڪ جي هٿ ۾ هو. ان کان پوءِ سيڊ وڌيڪ اکر ڊاهڻ جا رٻڙ به تيار ڪيا. هاڻ ان ڪمپني ريڊار ايس 10000 نالي هڪ تمام وڏو اکر ڊاهڻ وارو رٻڙ ٺاهيو آهي جيڪو ٻارن جي پينسل باڪس ۾ رکيل رٻڙ جي مقابلي ۾ 200 ڀيرا وڏو آهي. انهن ٻنهي رٻڙن جي خاصيت هڪ جهڙي آهي ۽ هڪ ئي مٽيريل سان ٺهيل آهن. پر ماڻهو حيران آهن ته ايترو وڏو ۽ وزني رٻڙ ڇو ٺاهيو ويو آهي؟ سيڊ ڪمپني هر سال “تيزيءَ سان ڊاهڻ جي جو مقابلو” ڪرائيندي آهي ۽ انعام يافتا کي تحفي طور “ريڊار ايس 10000” رٻڙ ڏنو ويندو آهي ۽ گڏوگڏ ئي جيڪڏهن ڪو ان رٻڙ کي خريد ڪرڻ چاهي ته هن کي 100 ڊالر خرچ ڪرڻا پوندا.