لاهور (م ڊ) عدالت نواز ليگ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جاويد لطيف کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليسحوالي ڪري ڇڏيو.جاويد لطيف کي ميجسٽريٽ صابر ڊار جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سرڪاري وڪيل ۽ جاويد لطيف جي وڪيل دليل ڏنا. پوليس جاويد لطيف جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن تي عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو تقريبن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ٻڌايو ويو. عدالت پوليس جي اپيل منظور ڪندي جاويد لطيف کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو