اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي نيب چيئرمين جي حيثيت ۾ مليل پگهارن جا تفصيل قانون وزارت پيش ڪري ڇڏيا، ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي جي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ سينيٽ جي ايوان کي ٻڌايو آهي ته نيب جي اڳوڻي چيئرمين جي حيثيت ۾ جسٽس (ر) جاويد اقبال کي 11 آڪٽوبر 2017ع کان 3 جون 2022ع تائين هر مهيني 13 لک 13 هزار رپيا پگهار ڏني وئي، کيس بنيادي پگهار جي مد ۾ 12 لک 39 هزار رپيا، ٽيليفون الائونس جي مد ۾ ماهوار 6 هزار، هائوس رينٽ جي مد ۾ ماهوار 68  هزار رپيا ڏنا ويا، جسٽس (ر) جاويد اقبال کي نيب چيئرمين جي مدت دوران مجموعي طور تي 7 ڪروڙ 47 لک 4 هزار 985 رپيا پگهارن جي مد ۾ ڏنا ويا، جنهن ۾ اڳوڻي نيب چيئرمين کي نيب چيئرمين جي مدت دوران بنيادي پگهار جي مد ۾ 7 ڪروڙ 3 لک 5 هزار 923 رپيا، ٽيليفون الائونس جي مد ۾ 3 لک 40 هزار 465 رپيا، هائوس رينٽ الائونس جي مد ۾ 38 لک 57 هزار 298 رپيا ڏنا ويا، اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي حيثيت ۾ حاصل ٿيندڙ پينشن، مراعتون ۽ گريجوئيٽي جو رڪارڊ قانون وزارت وٽ موجود ناهي، ياد رهي ته مٿي ڄاڻايل نيب چيئرمين جي حيثيت ۾ پگهار ۽ مراعتن کان علاوه اڳوڻي نيب چيئرمين کي سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي حيثيت ۾ پينشن ۽ ٻيون مراعتن جي رقم الڳ آهي.