پشاور (م ڊ) وزيراعليٰ ڪي پي جي خصوصي معاون بيرسٽر سيف سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز شيئر ڪرڻ جو انوکو منتطق پيش ڪري ڇڏيو، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيرسٽر سيف چيو ته اڻپڙهيل ۽ بزرگ ووٽر بيٽ ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ نشانن جي سڃاڻپ ناهن ڪري سگهندا پي ٽي آءِ سپورٽرز کي اليڪشن ڪميشن جي بدديانتي کان آگاهه ڪرڻ لاءِ بيلٽ پيپرز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري رهيا آهيون، ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت خصوصي معاون چيو ته بيلٽ پيپرز تي هيٺ مٿي ۽ پاسن تي بيٽ سان ملندڙ جلندڙ نشان جهڙوڪ قلم، چمچو، ستار يا رباب جي موجودگي ووٽرز کي منجهائڻ جي ڪوشش آهي، پولنگ اسٽيشن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر گڙٻڙ ڪري رهيون آهن يا اتي موجود آهن ته انهن کي هٽائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي .