ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جانورن جي ڊاڪٽرن کان غير قانوني فيسون اوڳاڙڻ جو انڪشاف، پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي وي ايم اي ) عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪسستان وٽرنري ميڊيڪل ايسوسئشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر زاھد چاچڙ ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر رحمت علي سنجراڻي ميڊيا چيو آھي ته پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ڪائونسل (پي وي ايم سي ) ھڪ آئيني ادارو آھي جنھن کي وٽرنري گريجوئيٽس جي فلاح ۽ بھبود لاء ڪم ڪرڻو آھي پر افسوس جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ھي ادارو وٽرنري ڊاڪٽرن کان غير قانوني فيسون اوڳاڙي رھيو آھي. ھن وقت وٽرنري ڊاڪٽرن کان ڏھ کان پندرھن ھزار فيس وصول ڪري رھيو آھي،پر حقيقت ۾ اها في 5 ھزار رپيا آھي. پي وي ايم سي جي اھڙي عمل خلاف پي وي ايم اي سنڌ جي قيادت ھڪ آئيني پٽيشن پڻ داخل ڪري رھي آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ موجود جانورن جي عطائي ڊاڪٽرن خلاف قدم کنيا وڃن ۽ وٽرنري ميڊيڪل اسٽورن تي غير قانوني ڇاپا لڳائڻ بند ڪيا وڃن ۽ پي ايم سي پنھنجو آئيني ڪردار ادا ڪري.