جاتي(ن پ ا)جاتي ڀرسان وهندڙ مين پڃاري واهه ۾ ٻڏي 7 ورهين جو ٻارڙو نونو  پٽ علي نواز شيدي فوت ٿي ويو. ٻارڙو ٻين ٻارڙن سان گڏ وهنجندي ٻڏي ويو جنهن جو لاش فرلانگ کن اڳيان شيرخانه نالي مان ڪڍيو ويو. جاتي پوليس لاش ڪڍراءِ تعلقي اسپتال پهچايو جتي موجود ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران ڏيڊ ڪلاڪ اڳيان فوت ٿيڻ جي تصديق بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته معصوم ٻار جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ماءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.