جاتي ۾ گيسٽرو وگهي عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 35 ڄڻا اسپتال ڀيڙا

0
462

جاتي (ن پ ا) جاتي ۾ گيسٽرو وگهي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 35 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، سول اسپتال ۾ بيڊز جي کوٽ سبب ڪيترن ئي مريضن کي خانگي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، مريضن ۾ حاجران، محمد ٿهيم، رحمت، شاهدان، زينب، زرينا، شيربانو ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته مريضن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتال صحت جون سهولتون اڻپوريون هجڻ ڪري سخت ڏکيائي ٿي رهي آهي.