جاتي(ن پ ا)گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري ۽ اولڊ هاءِ اسڪول جاتي جو تعميراتي ڪم گذريل 14 ورهين کان رولڙي جو شڪار هجڻ خلاف جاتي بچايو ڪاميٽي سڏ تي جي ايم کٽي، ڪامران قريشي،عبدالرئوف ٿهيم،عادل لغاري،علي اصغر هنڱورو،صابر سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حسيني چوڪ کان ٻالواه چوڪ تائين سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي ڪڊي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ڌرڻي ۾ جاتي شهرين شاگردن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو،ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته 14 سال اڳ جاتي جي اولڊ هاءِ اسڪول ۽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول جي بلڊنگ جو تعميراتي ڪم فقط بنياد  تائي محدو ڪيو ويو جنهن بعد ٽينڊ جا ڪروڙين روپيا ڪاغزي ڪاروائي ۾ ملي بڳت سان هڙپ ڪيا ويا آهن هنن چتاءُ ڏيندي چيو ٻنهي اسڪولن جي تعميراتي ڪم مڪمل ٿيڻ تائي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، 7 ڪلاڪ ڌرڻي سبب ٽرانسپورٽ جام هجڻ ٿي وئي. بعد ۾ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي نوٽيس ورتو. مختيارڪار جاتي ۽ سب انجنيئر ايجوڪيشن ۽ پ پ اڳواڻن ڌرڻي تي پهچي ڳالهيون ڪري معاملو جلد هل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي ڌرڻو ختم ڪرايو.