جاتي(ن پ ا) جاتي لڳ يونين ڪائونسل ڪڙملڪ ۾ ڳوٺ عمر ٻورهيو ۽ غلام حسين ٻورهيو جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ ڪري ويل گهرن جي سروي نه ٿيڻ خلاف رهواسين الهجڙيوم ٻورهيو،نواز ٻوهريو،حسن ٻوهريو،هارون ٻورهيو،قادر بخش ۽ عيسڙو ٻورهيو جي اڳواڻي ۾ متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي انهئَ موقعي تي متاثرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ٻن ڳوٺن عمر ٻورهيو ۽ غلام حسين ٻوريهو ۾ تقريبن 80 کان مٿي گهر مسلسل برساتن سبب ڪري ويا آهن ۽ انتظاميان اسان جي سار به نه لڌي آهي غربت سبب ڪيترائي خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ گهر ڪري وڃڻ ڪري هاڻ سردي جي موسم ۾ اسان جا معصوم ٻار سخت سيئُ ۾ ٺري تا پون جنهن لاءِ اسان انتظاميان ۽ چونڊيل نمائيندن جي اوطاقن آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪير به نه پهتو آهي هنن چيو ته انتظاميان اسان کي راشن ته نه ڏنو پر برسات ۾ ڪري ويل گهر حڪومت پاران اعلانيل سروي به نه ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن ۾ ڪري ويل گهرن جي سروي ڪري گهر ٺهراءِ ڏنا وڃن ۽ امداد ڏئي اسان غريبن جي ٻچن جون بکون ختم ڪيون وڃن.