جاتي(ن پ ا)سنڌ جي ساحلي پٽي جي شهر جاتي ۾ سنڌ جي ناليواري درگاه شيخ سلامت عرف مگرڀين رح جو 842ع هون عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي جنهن عرس مبارڪ جي پهرين ۽ وڏي رسم اڇي جي ادا ڪئي وئي درگاه شيخ سلامت عرف مگرڀين جي عرس مبارڪ جي اڇي جي رسم درگاه جي گادي نشين پاڳارو طفيل احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ سوين مڻ کير پاڻي ۽ گلاب جي گلن جي پتين سان سوين مريدن عقيدتمندن ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ پانڌيئرن درگاه جي مخصوص دلن ۾ کير پاڻي ۽ گلن جون پتيون ڀري ريلي جي صورت ۾ شيخ سلامت عرف مگرڀين جي مزار کي غسل ڏنو ويو، جنهن بعد شيخ سلامت عرف مگرڀين رح جي خاندان جي مزارن کي پڻ کير پاڻي ۽ گلاب جي پتين سان سوين مريدن عقيدتمندن غسل ڏئي عرس مبارڪ جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن بعد درگاه جي رسم ۾ شريڪ ٿيندڙ سوين مريدن ۽ عقيدتمندن کي لنگر پڻ ڪرايو ويو.