جاتي (ن پ ا) سجاول واسي رٽائرڊ استاد  زمين تي  قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عبدرزاق ڪيهرائي الزام هڻندي چيو ته منهنجي ڳوٺ جا بااثر وڏيرا منهنجي ئي زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن ۽ مونکي خاموش رهڻ لاءِ مختلف وقتن تي قتلاڻا حملا ڪيا آهن،  هن چيو ته احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.