جاتي(ن پ ا)  جاتي جي مختلف ڳوٺن محمد يوسف ملاح، محمد ملاح، جڙيو ٿهيمور ۽ نورو ٿهيمور سميت ڪيترن ئي ڳوٺن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺن جي رهواسين نورو ٿهيمور،يوسف ملاح،جڙيو ٿهيمور ۽ محمد ملاح پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺن کي روڊ ۽ رستن جي سهولت نه هجڻ ۽  تازين برساتن سبب گهرن توڙي ٿلن تي برسات جو پاڻي ٻه کان ٽي فوٽ بيٺل آهي جنهن ڪري اسين سخت پريشان آهيون گهرن ۾ بيمار مريضن ۽ حامله عورتن کي اسپتال به نٿا پهچاءِ سگهون هنن چيو ته برساتن جو پاڻي ڳوٺن جي چوطرف ۽ ڪجھه گهرن ۾ دخل ٿيل آهي ڪيترن ئي ڏينهن کان برسات جو بيٺل هجڻ ڪري پاڻي گندو ۽ بدبودار ٿي ويو آهي جنهن مان چمڙي سميت گيسٽرو ڊائريا جهڙيون بيماريون جنم وٺي رهيون آهن اسان جا معصوم ٻار توڙي عورتون خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته ڳوٺن ۾ پاڻي هجڻ ڪري اسانجو شهرن سان زميني رابطو ختم ٿي ويو آهي اسان سخت متاثر ٿي ويا آهيون کاڌي کائڻ لاءِ به ڪجھ نه آهي هنن چيو ته حڪومت توڙي ضلعي انتظاميان به اسان جي سار نه لدي آهي جنهن ڪري اسين وديڪ پريشان ٿي ويا آهيون،هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي اسان جي ڳوٺن مان برسات جو پاڻي فورن ڪڊراءِ امدادي ڪاروائي شروع ڪري زندگيون بچايون وڃن.