جاتي(ن پ ا)جاتي ۾ بي آئي ايس پي سينٽر تي متاثرن جي پئسن مان ناجائز ڪٽوتي ڪرڻ ۽ متاثر عورتن لاءِ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون سهولتون نهڻ جون خبرون هلڻ بعد انتظاميان نوٽيس ورتو، بي آئي ايس پي سينٽر تي مختيارڪار جاتي آصف عمراڻي پهتو ته متاثر عورتن کيس ڌانهون ڏنيون جنهن تي مختيارڪار ڪاوڙ ۾ اچي ڪٽوتي ٿيل پئسا عورتن کي واپس ڪرايا ۽ ڊوائز هولڊرن کي وارننگ ڏيندي کين ڇهنڊ پٽي ۽ وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ عورت جي ڌانهن پهتي ان ڊوائز هولڊر تي ڪيس داخل ڪيو ويندو جنهن دوران صحافين پاران عورتن کي سهوتون نه هجڻ تي شڪايتون هجڻ جو چوڻ تي مختيارڪار جاتي پاران عورتن لاءِ پيئڻ جي پاڻي سميت سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ جو يقين ڏياريو.