اسلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ سُپريم ڪورٽ جي 23 هين فيبروري تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم پڻ جاري ڪيو ويو آهي. حڪم نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪنهن جي آئيني ذميوار آهي؟ عدالت ان نقطي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. 23 هين فيبروري واري حڪم نامي ۾ جسٽس مندوخيل، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس منصور ۽ جسٽس اطهر الله جا ڌار ڌار نوٽ شامل آهن. حڪم نامي موجب بئنچ جي نئين سر جوڙجڪ تي معاملو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻيو ويو آهي، چئن ججن جي نوٽ لکڻ تي طئي ڪيو ويو آهي ته بئنچ جي جوڙجڪ وارو معاملو نئين سر چيف جسٽس ڏانهن موڪليو وڃي.