جئي پور ۾ سيلفي وٺندڙ 11 ڄڻا وڄ ڪرڻ سبب فوت!

0
665
Lightning bolt kills 11 people ‘taking selfie’ in front of 12th century fort in Indian city
Lightning bolt kills 11 people ‘taking selfie’ in front of 12th century fort in Indian city

جئي پور: جئي پور جي سياحتي ماڳ وٽ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙن يج باري ۾ چيو پيو وڃي ته اهي 12هين صدي جي ٺهيل امر قلعي جي مينار تي تيز بارش دوران سيلفيون وڍي رهيا هئا ته مٿن وڄ ڪري پئي. مينار تي ان وقت 27 ڄڻا موجود هئا، وڄ ڪرڻ بعد ڪيترن ئي ماڻهن اتان ٽپو ڏنو. پوليس موجب فوت ٿيندڙن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هئي. ان کان علاوه راجسٿان جي مختلف علائقن مان وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ وڌيڪ 9 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع پڻ مليا آهن. رياست جي وڏي وزير اشوڪ گهيلوت پاران فوتين جي وارثن لاءِ 5- 5 لک رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو ويو آهي.