ثقافت کاتي جي بجيٽ ۾7 سالن ۾ 56 سيڪڙو واڌ: سوا 36 مان پوڻا 22 ارب خرچ: سوا 7 ارب ليپس

0
277
ثقافت کاتي جي بجيٽ ۾7

ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري) سنڌ ثقافت کاتي جي بجيٽ ۾ 7 سالن ۾ 56 سيڪڙو واڌ، کاتي جون اختياريون انهي عرصي دوران مليل سوا 36 اربن مان رڳو پوڻا 22 ارب خرچ ڪري سگهيون

جڏهن ته گذريل 6 سالن دوران سوا 7 ارب ليپس ٿي ويا، ان ڏس ۾ ناڻي کاتي کان مليل ڄاڻ موجب ثقافت کاتي کي مالي سال 2016.17ع  ۾  3989.122 ملين بجيٽ ملي هئي، جڏهن ته ناڻي کاتي پاران 3588.849 ملين جاري ڪيا ويا

ثقافت کاتو رڳو 3190.587 ملين خرچ ڪري سگهيو، ساڳئي  ريت 2017.18ع   جي بجيٽ ۾ 5491.774 ملين رکيا ويا، جڏهن ته 5469.163 ملين  رليز ٿيا، ثقافت کاتي رڳو 4796.036 ملين خرچ ڪيا

هوڏانهن سال 2018.19ع ۾کاتي جي  بجيٽ 4880.328 ملين هئي، جڏهن ته ناڻي کاتي رڳو 3153.768  ملين رليز ڪيا، کاتو رڳو 2882.951 ملين خرچ  ڪري سگهيو ،ٻئي طرف سال 2019.20ع  ۾ ثقافت کاتي جي بجيٽ  4063.349  ملين رهي، ناڻي کاتي 3191.792 ملين جاري ڪيا

جنهن  مان 2879.985 ملين خرچ ڪيا ويا، هوڏانهن سال 2020.21ع  ۾ کاتي جي بجيٽ 4225.529 ملين تي پهتي، ناڻي کاتي 3888.645 ملين جاري ڪيا، جنهن مان 3633.562 ملين خرچ ڪيا ويا، ٻئي طرف سال 2021.22ع  ۾ کاتي جي بجيٽ وڌائي 6521.079 ملين تي پهچائي وئي، ناڻي کاتي 5877.219 ملين جاري ڪيا

جڏهن ته کاتو رڳو 4422.604 ملين خرچ ڪري سگهيو، هلندڙ مالي سال 2022.23ع دوران  پهريون ڀيرو ثقافت کاتي جي بجيٽ ۾ رڪارڊ واڌارو آڻي 7085.469 ملين تي پهچايو ويو

ذريعن موجب  ثقافت کاتي گذريل 6 سالن دوران 21805.725 ملين خرچ ڪيا، جڏهن ته 7365.456 ملين لپس ٿيا، هوڏانهن ناڻي کاتي  هلندڙ مالي سال جي 7085.469 ملين واري بجيٽ اڃا تائين رليز ناهي ڪئي