ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن بابت اڳوڻي ايم ڊي  روشن ڪناسرو ۽ ٻين خلاف داخل ريفرنس واپس نيب کي موڪلي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران ڊي روشن ڪناسرو ۽ ٻيا پيش ٿيا، سندن وڪيل مڪيش کتري عدالت کي ٻڌايو ته نيب قانون  ۾ ترميم کانپوءِ ريفرنس احتساب عدالت جي دائري ۾ نه ٿو اچي، انهي ڪري هي ريفرنس احتساب عدالت مان منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ريفرنس ۾ 10 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، روشن ڪناسرو ۽ ٻين تي قومي خزاني کي 4 ڪروڙ 85 لک رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام هنيو  آهي .